سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 19 مريض فوت، 1233 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 19 مريض فوت  ٿيا ۽ فوتين جي تعداد 3653 تائين پهچي وئي آهي ۽ 13699 نمونن جي ٽيسٽ ڪرائڻ سان 1233 نوان ڪيس سامهون آيا، هن چيو ته هن وقت 18432 مريض علاج هيٺ آهن انهن مان 17591 گهرن ۾، 11 آئسوليشن سينٽرن ۽ 830 مختلف اسپتالن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 742 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي حيدرآباد 55، ميرپورخاص 29، قمبر 19، بدين 13، ٺٽو 12، شڪارپور 11، عمرڪوٽ 10، خيرپور 8، گهوٽڪي ۽ نوشهروفيروز 6-6، سجاول، سکر ۽ ٽنڊو محمد خان 5-5، جيڪب آباد، ٽنڊوالهيار ۽ لاڙڪاڻو 2-2 ۽ ڄامشورو هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.