فرسٽ سول جج ۽ اينٽي ڪرپشن جي ٽيم پاران گهوٽڪي تعلقي اسپتال ۾ اوچتو ڇاپو هنيو ويو، ٽيم جي پهچڻ شرط سول اسپتال جي عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو ، ڪيترائي ملازم فرار ٿي ويا، ميرپور ماٿيلو جي فرسٽ سول جج محمد سجاد شيخ ۽ اينٽي ڪرپشن جي اسسنٽنٽ ڊاريڪٽر عبدالحق قريشي جي اڳواڻي ۾ ٽيم سرڪاري اسپتال جي اسٽور ۽ ڪلارڪ آفيس جو ريڪارڊ چيڪ ڪيو ، ۽ ٻن سالن جو رڪارڊ ساڻ کڻي وئي، ڇاپي دوران ميڊيا کي ڪوريج کان پڻ روڪيو ويو .