”هزاره برادري کي مڪمل تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائينداسين“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان بلوچستان ۾ هزاره برادري جي ماڻهن جي قتل کي افسوس جوڳو واقعو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان هن واقعي جو بنياد 80 واري ڏهاڪي کان ملي ٿو جڏهن افغان جهاد شروع ٿيو ۽ ان ۾ پاڪستان به شريڪ ٿيو ۽ نتيجي ۾ فرقيواراڻي فسادن جنم ورتو.

اسلام آباد ۾ پرڏيهي چينل خاص انٽرويو ڏيندي وزير اعظم چيو ته مذهبي انتها پسند هٿياربند هاڻ دهشتگرد تنظيم داعش جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن.

وزير اعظم چيو ته اسان انهن کي مڪمل تحفظ ۽ سيڪيورٽي جي خاطري ڪرائينداسين.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مذهبي اقليتن کي گڏيل حق حاصل آهن جڏهن ته رياست جي بنيادي ذميواري آهي ته هو سندن حقن جو تحفظ ڪري.

ان کان سواءِ عمران خان  چيو ته مذهب بابت هڪ ٻيو واقعو خيبرپختونخواهه جي علائقي ڪرڪ ۾ پيش آيو جتي مندر کي باهه ڏني وئي، حڪومت فوري بندوبستن جي تحت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ۽ واعدو ڪيو ته ٻيهر مندر جي اڏاوت ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.