”نيب جي ڪارڪردگي کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين جسٽس جاويد اقبال چيو آهي ته عالمي سطح تي نيب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو پيو وڃي.

قومي احتساب بيورو جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نيب ملڪ مان بدعنواني جي خاتمي لاءِ انتهائي سنجيده ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيب جي ڪارڪردگي کي معتبر قومي ۽ عالمي ادارن جتي ساراهيو اُتي نيب کي مبينا بدعنواني بابت ملندڙ شڪايتن ۾ واڌ عوام جي نيب تي اعتماد جو عڪس آهي.

هن چيو ته نيب جو ايمان ڪرپشن فري پاڪستان آهي. نيب آفيسر قانون جي موجب زيرو ٽالرينس جي پاليسي تي سختي سان عمل ڪن. نيب هڪ انسان دوست ادارو آهي. ان ڪري هتي ايندڙ هر شخص جي عزم ۽ احترام کي يقيني بڻايو وڃي، ان سلسلي ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال هيٺ آندا وڃن جيئن بدعنوان عنصرن کي قانون جي موجب انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري سگهجي جتي قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.