اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو نه لڳي ها ته اڄ سي پيڪ لکين روزگار پيو ڏئي ها: احسن اقبال

بنون(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال چيو آهي ته 2018ع جي چونڊن ۾ اسان جي مينڊيٽ تي ڌاڙو نه هنيو وڃي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري (سي پيڪ) منصوبو اڄ لکين روزگار پيدا ڪري رهيو هجي ها.

بنون ۾ جلسي کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو آهي ته موجوده حڪومت جي قيادت ۾ معيشت ناڪاره ٿي چڪي آهي.

هن حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته ڪاڏي ويا جن ماڻهن کي باغ پئي ڏيکاريا، هاڻ اُهي منظر عام تي نه اچن ڇو ته هنن کي عوام جو خوف آهي.

احسن اقبال قائد اعظم جو حوالو ڏئي چيو ته رياست جي ڪاميابي جو دارومدار عوام آهي، جيڪڏهن هو رياست جا معاملا هلائيندا ته ملڪ ترقي ڪندو.

مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته وزير اعظم عمران خان پنهنجي هر واعدي تي يوٽرن ورتو ۽ نوبت ايستائين اچي وئي جو موجوده حڪومت پرڏيهي پاليسي ۽ ڪشمير جو دفاع ڪرڻ ۾ فيل ٿي چڪا آهن.

احسن اقبال وزير اعظم عمران خان کي مخاطب ڪري چيو ته ورلڊ ڪپ تو نه ته جاويد ميانداد، وسيم اڪرم، انضمام ۽ محمد مشتاق کٽيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.