مانسهره ۾ گيس خارج ٿيڻ ڪري ساهه ٻوساٽجڻ سبب 6 ڄڻا فوت

ايبٽ آباد(ويب ڊيسڪ)مانسهره ۾ گيس خارج ٿيڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا.

مانسهره جي علائقي لاري اڏي پانو روڊ تي گيس ليڪيج سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا، ريسڪيو ذريعن موجب گيس ليڪيج جي ڪري فوت ٿيلن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي جنهن ۾ ڏاڏي، زال، مڙس ۽ ٽي ٻار شامل آهن.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته خاندان جا سمورا ماڻهو هڪ ئي ڪمري ۾ ستل هئا ۽ گهڻي سيءَ سبب گيس هيٽر به هلائي رکيو هو، پر ليڪيج جي ڪري ڪمري ۾ گيس ڀرجي وئي جنهن جي ڪري سمورن ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.