سيوهڻ ۾ مڇي مارڪيٽ جي پلاٽ تي قبضو، احتجاج

سيوھڻ ( رپورٽ: خالد ميمڻ ) سيوھڻ شھر جي پراڻي گوشت ۽ مڇيءَ مارڪيٽ جي پلاٽ تي بااثرن شخص پاران چئن دوڪانن جي اڏاوت ڪرائڻ خلاف شھرين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران مارڪيٽ اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ميونسپل ڪاميٽي انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اصغر ڪوريجو، مولابخش نوحاڻي، آصف ملاح، نديم ملاح، ذوالفقار ملاح ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته شھر جي قديمي ۽ تاريخي مڇي ۽ گوشت جي مارڪيٽ تي شھر جي بااثر قبضا مافيا ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي ملي ڀڳت سان قبضو ڪري ان تي اڏاوتي ڪم شروع ڪرائي ڇڏيو آھي، جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي، ھنن چيو ته مارڪيٽ جو سرڪاري خرچ تي تعمير ڪرائڻ بجاءِ بااثرن کي ٻڳڙن مٺ تي ڏئي ڪاروبار ڪيو پيو وڃي،  جڏھن ته گوشت ۽ مڇي فروش غريب پورهيت روڊن تي صندل رکي روزگار ڪرڻ تي مجبور آھن.  ، انھن کي مارڪيٽ ٺاھي ڏيڻ بدران انتظاميا شھر جي مک رستن تي گند ڪچرو ڦھلائي شھرين کي سھولت ڏيڻ بجاءِ  ھٿ سان شھر کي قبضا مافيا حوالي ڪيو پيو وڃي. ھنن سنڌ جي وڏي وزير کان معاملي جو نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته گوشت ۽ مڇي مارڪيٽ تان قبضو ختم ڪرائي، ان جي نئي سر تعمير ڪرائي شھرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.