ڪوٽڏيجي لڳ بجلي جي ٿنڀي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ٻارڙو فوت

ڪوٽڏيجي (ن ع آ ) ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ جاڙو خان ڪانڌڙو ۾ 6 ورهين جو معصوم حيدر علي ڪانڌڙو گهر ٻاهريان راند کيڏي  بجلي جي ٿنبي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب موقعي تي ئي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جو لاش گهر اندر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو نينگر جي امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، ان موقعي تي فوتي نينگر جي والد  ظھير احمد ڪانڌڙو  ميڊيا کي ٻڌايو ته  گھرن جي ٻاھرين پاسي کان بجلي جو پول لڳل آھي، جيڪو بجلي جي تارن جي ملڻ سان شارٽ ٿي ويو آهي، ڪافي ڀيرا واپڊا عملي کي ان بابت بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود  تدارڪ نه ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته واپڊا وارن جي لاپرواھي سبب منھنجو گلن جهڙو معصوم پٽ کي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو آھي ۽ اسان جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون آهن هن چيف جسٽس ۽ واپڊا کاتي جي اعلي عملدارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي لاپرواهي ڪندڙ ايس ڊي او واپڊا ۽ لائين مين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.