کپري ويجهو ڳوٺ ۾ باهه، 2 گهر سڙي رک

کپرو(رپورٽر) کپرو ويجهو يوسي روڻجهو جي ڳوٺ ڪڙولي ۾ چلهي جي چڻنگ اڏڻ سبب ٻن گهرن کي باھ لڳي ويئي باھ سبب  ٻن پورهيتن ڪرشن ۽ ننگو ڪولهي جي گهرن ۾ پيل هنڌ , بسترا , اناج , نياڻين جو ڏاج , ٿانون سميت گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو ڳوٺاڻن فائر برگيڊ کي اطلاع ڪرڻ باوجود نه پهتي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو متاثر کلئي آسمان هيٺ بي يارو مدد گار آھن جڏھن ته متاثرن وٽ ڪوبه چونڊيل نمائندو نه پهتو متاثر کلئي آسمان هيٺ بي يارو مددگار آھن متاثرن سرندي وارن کان مالي امداد جي اپيل ڪئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.