برهمڻ آباد جي کوٽائي جاري، ٻڌمت ۽ ساساني دور جهڙا نوادرات هٿ

ٽنڊوآدم (رپورٽ:سليمان ساند ) تاريخي ماڳ برهمڻ آباد ۾ آثارقديمه کاتي جو ڪم هڪ مهيني کان جاري آھي، جنهن مان مختلف دورن سميت ساساني ۽ ٻڌمت دور سان مشابهت رکندڙ  قيمتي پٿر ، مردن  ۽ عورتن جي چٽيل تصويرن وارا ۽ گهڻ رنگي ٿانون سميت زيورات جي ڪٽائي لاء ٽامي جا اوزار  ۽ سڪا هٿ آيا آھن۔ جڏهن ته جانورن جا مجسما۔ نادر نموني جو کوھ ۔مڻين جي مالها۔ نيلم ، مرجان، ياقوت عقيق ۽ شيل مان ٺھيل اعلي نموني جون ڊزائنون ۽ انهن چوڙين جي خوبصورتي ۽ ٺاهڻ واري جي مهارت به ظاهر ٿي آهي، جڏهن ته کوٽائي دوران ڄاڻايل مسجد جي هيٺيان ٻي بناوٽ (settalement) جا آثار به ظاهر ٿي ويا آهن جنهن مان جانورن جا مجسما ۽ اسلامي دور کان اڳ جا  ڀڳل ٿانو پڻ مليا آھن۔ جڏهن ته جڳھ کي ٻيهر استعمال ڪرڻ بعد واري  ڊرين پڻ ظاهر ٿي آهي. . آرڪيالاجسٽ پروفيسر ڊاڪٽر غلام محي الدين ويسر ٻڌايو ته کوٽائي جا 2 اسپاٽ اولھ واري دروازي کان اوڀر طرف دڙي تي وڏين ڀتين جا نشان موجود هئا جتي کوٽائي شروع ڪئي جنهن مان مختلف دورن جا ۽ مختلف ڊزائينون مليون آھن جيڪي ساساني ۔ ٻڌسٽ ۔ هندو دور ۽ اسلام واري دوري سان مشاهبت رکندڙ ٺڪر جا ٿانو مليا آھن ۽ ان کان علاوه مختلف قيمتي پٿرن مان ٺهيل وڏي مقدار ۾ مڻڪا ھٿ آيا آھن ۽ هتي ٺڪر مان ٺھيل گول پينلس مان ٺھيل سوڙهي منهن وارو کوھ پڻ مليو آھي۔ شيل مان ٺھيل اعلي نموني جون ڊزائنون جيڪي چوڙين تي ٺھيل آھن ان مان انهن چوڙين جي خوبصورتي ۽ ٺاهڻ واري جي مهارت جو ثبوت ملي ٿو۔ جڏهن ته ڄاڻايل مسجد ۾ ان کي سمجهڻ لاء ڪجھ حصي جي کوٽائي ڪرڻ مان ڄاڻ ملي ته پنجن فوٽن جي اونهائي دوران جيڪي ٿنڀا جيڪي ديوارن سان ٻن پاسن کان جڙيل آھن۔ اتي پڪين سرن جو فرش پڻ مليو آھي جنهن جي مٿان ٺڪر جا ٿانو۔ سڪن جا سانچا۔ جانورن جا مجسما پڻ ھٿ آيا آھن جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آھي ته پهرين ماڻھن جو استعمال ٿيل فرش مٿان ٻيهر ڀرائي ڪري پنجن فوٽن مٿان وري فرش وڇائي ان مٿان پاڻي جي نيڪال لاء نالي ٺاهي وئي آھي ۔ جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اها ساڳي جڳھ ٻه دفعا استعمال هيٺ آيل آھي. ٻئي طرف ڊائريڪٽر جنرل آثارقديما سنڌ منظور احمد ڪناسري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته برهمڻ آباد سنڌ جو اهم ۽ خوشحال رهندڙ ماڻهن جو تاريخي شهر رهيو آھي جنهن مان شهر جي قدامت ۽ خوشحالي کي ثابت ڪرڻ لاء اهم ۽ گهڻي مقدار ۾ نوادرات  ملي آھي۔ هن چيو ته ايڏي وڏي پئماني تي کوٽائي مان سوچ کان وڌيڪ نتيجا اچڻ ڪري صوبائي وزير ثقافت سياحت ۽ نوادرات  سيد سردار علي شاه جي حڪم بعد کوٽائيء جي مدي کي جاري رکڻ لاء وڌيڪ هڪ مهينو وڌايو ويو آھي جڏهن کوٽائي جو چار سالن تائين سلسلو جاري رهندو ، هن وڌيڪ چيو ته هن کوٽائي جي تاريخي رپورٽ ھوندي  جڏھن هن ماڳ جي تاريخ تي هڪ تاريخي ڊاڪيومينٽري پڻ ٺاهي ويندي جيڪا تاريخ دوستن ۽ شاگردن لاء وڏي ڄاڻ مهيا ڪندي، هن ماڳ تي هڪ وڏي پئماني تي سيمينار پڻ ڪوٺايو ويندو ۽  ڪوشش ڪبي ته هن ماڳ کي صوبائي وزير سيد سردار علي شاه جي ڪوشش سان ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪرائجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.