انتها پسندي: ماضيءَ جي مهربانين جو نتيجو آهي

تحرير: اويس توحيد

گذريل سان ويندي ويندي به انتها پسنديءَ جو هڪ ٻيو به داغ ڏئي ويو آهي.  خيبر پختون خواهه جي خشڪ ۽ ويران پهاڙين جي دامن ۾ واقع علاقي ڪرڪ ۾ سوين شدت پسدن ڏنڊن ۽ لوهي شيخن سان ليس اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي هندو برادريءَ جي مقدس مندر ۽ سماڌيءَ تي حملو ڪري ان کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ مندر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، مظاهري جي قيادت مقامي طور تي انتهاپسند تنظيمن جا اڳواڻ ڪري رهيا هيا. اهڙي حملي بعد سخت رد عمل ٿيو، تنقيد ٿي ڪيترن ئي مظاهرين خلاف ڪيس داخل ٿيا، اهڙي واقعي  جي ڇنڊن اسان جي رياست جي دامن کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي. سوين سالن کان ڪرڪ جي هڪ ننڍڙي علاقي  ٽيٽڙ  ۾ هندو براداريءَ جي قائم مندر کي ٽوڙي ڦوڙي مورتين کي ڀڃي ڊاهي تباهه ڪرڻ واري عمل مان ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان وڌندڙ انتها پسندي جو اولڙو نمايان نظر اچي ٿو.

ڪجهه سال اڳ منهنجي اباڻي شهر لاڙڪاڻي ۾ شدت پسند هندو برادريءَ جي هڪ فرد تي قرآن شريف کي نقصان پهچائڻ جي الزام  ۾ هڪ مندر جي عمارت تي حملو ڪري مندر اندر پيل مورتين کي ڏنڊن ۽ لوهي شيخن سان ٽوڙيو ويو هو ۽ عمارت کي باهه ڏئي ڇڏي هُئين، اهڙي واقعي جي منظر کي ڏسڻ بعد ذهن تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو هو.

منهنجو ننڍپڻ لاڙڪاڻي ۾ هندو برادريءَ جي نوجوانن سان گڏ هولي، ديوالي ۽ عيد جا تهوار گڏجي ملهائيندي ۽ پنهنجي حويلي جهڙي اباڻي گهر ” لکپت ڀون“ جي سامهون محرم جي ڏينهن ۾ شربت جون سبيلون هڻندي، مذهبي عقيدت سان زندگي گذاريندي، گذريو آهي، جنهن زندگيءَ ۾ اسان کي ڪڏهن به ڪو مذهبي فرق محسوس نه ٿيو هو. پاڪستان ۾  هندو برادريءَ جي اڪثريت سنڌ ۾ آباد آهي ۽ صدين کان وٺي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جي مذهبي رواداريءَ ۽ تصوف سان زندگي گذاري رهي آهي. حيدرآباد شهر کان ڪجهه مفاصلي تي اڏيرو لعل جي درگاهه آهي جنهن جي اڱڻ ۾ مندر ۽ مسجد هڪ ئي هنڌ موجود آهن ۽ سنڌ ۾ مسلمان ۽ هندو ٻنهي جي وچ ۾ مذهبي ايڪي جو عڪاس آهن.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۽ پاڪستان وجود ۾آيو جنهن بعد لکن جي انگ ۾ خاندان هجرت ڪري سنڌ ۾ داخل ٿيا جن جي اچڻ سان نئين تشڪيل ورتل معاشري تي اثر ته پوڻ اشد هيو پر تنهن هوندي به سنڌ ۾ وسندڙ هندو ۽ مسلم آباديءَ تي ڪوبه فرق نه پيو ۽ انهن جي زندگي اڳ جيان مذهبي رواداريءَ واري ماحول ۾ گذرندي رهي پر آهستي آهستي تبديلون اچڻ شروع ٿي ويون ۽ خاص ڪري جنرل ضيا جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي چوٽ چڙهي وئي جو جنرل ضيا جي دور ۾ ملڪ جي مذهبي انتها پسند قوتن کي رياست جي سرپرستي حاصل رهي.

هندستان ۾ بابري مسجد کي ڊاهڻ کانپوءِ رد عمل طور پاڪستان ۾ مندرن تي حملا ٿيا ۽ اهڙا حملا سنڌ ۾ پڻ ٿيا جتان وڏي انگ ۾ هندو خاندان هندستان پڻ لڏي ويا، انهن ئي ڏينهن ۾ ڪرڪ مان به هندو خاندان لڏي ويا هيا، جڏهن ته انهن ئي ڏينهن ۾ ڪرڪ جي  انهيءَ مندر تي حملا پڻ ٿيا هيا.

مندر تي حملو هُجي، عيسائين جي چرچ تي حملو هُجي يا وري احمدي فرقي جي عبادت گاهن تي حملا هجن، ملڪ جي سول سوسائٽي جنهن کي اسان ” خاموش اڪثريت چوندا آهيون“ هميشه اقليتن جو ساٿ ڏيندي رهي آهي، پر هاڻي شايد اهو ٿو لڳي ته بدقسمتيءَ سان اهڙي خاموش اڪثريت پاڻ  ئي اقليت ۾ تبديل ٿيندي پئي. حڪومت هُجي يا وري سياسي جماعتون هجن اهي اهڙن عملن جي مذمت ڪري شايد ماضيءَ جي غلط پاليسين جو ازالو ڪرڻ چاهين ٿيو ، پر هاڻي انهن غلط پاليسين جو ازالو ڪرڻ کان سواءِ اهڙين ڪاررواين جو ڪفارو ادا ڪرڻ ممڪن نه آهي.

جنرل ضيا جي دور ۾ انتهاپسنديءَ جا جيڪي ٻچ چٽيا ويا هيا، اهي نائين اليون جي وقت تائين تمام وڏا وڻ ٿي چڪا هيا جن جون پاڙون معاشري ۾ تمام گهڻيون گهريون ٿي ويون هيون، ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته معاشري ۾ پيدا ٿيل اهڙن انتها پسند ٽولن ۽ جماعتن کي ختم ڪرڻ هاڻي رياست لاءِ ڪا سولي ڳالهه نه آهي،  ۽ اهڙي نقطي ۾ وزن پڻ آهي، مثال طور انتها پسندي تنظيمن لشڪره طيبه، الجهاد وغيره، پنهنجا نالا مٽائي جماعت الدعوت رکي ڇڏيا آهن. ڪجهه مدرسن وٽ ته طالبن جي صورت ۾ پنهنجو نيٽ ورڪ به آهي ۽ ڪيترن ئي تظمين وٽ ته پروپيگندا ڪرڻ لاءِ گروهه پڻ آهن،

پاڪستان جي معاشري ۾ انتها پسنديءَ جي ڦهلاءَ جي سلسلي ۾ اهو خيال پڻ ڪيو وڃي ٿو ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي پاڪستان ، سعودي عرب ۽ ايران جي پراڪسي وار جو حصو ٿي رهيو آهي، ائين ئي جيئن ڪيترن سالن تائين افغانستان پاڪستان جي پراڪسي وار جو ميدان رهيو آهي. ان بعد پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ڪيترن ئي ڌڙن پنهنجي سرگرمين جو نشانو پاڪستان کي بڻائي رکيو آهي ۽ بقول پاڪستان جي سيڪيورٽي ذريعن جي ته اهڙين جماعتن پنهنجيون پناهه گاهون افغانستان ۾ بڻائي رکيون آهن.

ماضيءَ جي اهڙين غلطين جو ازالو ڪيئن ڪيو وڃي، جا ارادا عمل ۾ تبديل ٿيندي نظر نه ٿا اچن ۽ وري تضادن جي ڪري اهڙن منصوبن تي عمل ڪرڻ پڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، ماضيءَ جي اهڙين غلطين کي سڌارڻ لاءِ ڪڏهن ” زيرو ٽالرنس“ جو منتر پڙهيو ٿو وڃي ته وري ڪڏهن جهادين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو ٿو وڃي ۽ وري ڪڏهن شدت پسندن ۽ هٿيار بند ٽولن کي مصالحت ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن، حڪومت جي اهڙين حڪمت عملين مان ايئن ٿو لڳي ڄڻ حڪمران پاڻ به مونجهاري ۾ هجن ۽ عوام به مونجهاري ۾ هُجي، جڏهن ته اولهه جي دنيا حڪومت ۾ اهڙين پاليسين ڪري بداعتماديءَ وڌي رهي آهي.

ڪنهن معاهدي سان ڪا شدت پسند تنظيم ڪهڙي نموني طاقتور ٿي وڃي ٿي ان جو مثال گذريل سال تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڪيل معاهدي مان ڏسي سگهجي ٿو. 2017ع ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان فيض آباد ۾ ڌرڻو هڻي اسلام آباد کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو آخر ڪار ان ڌرڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان حڪومت کي معاهدو ڪرڻو پيو، جنهن جي نتيجي ۾ قانون واري وزير زاهد حامد کي استعفى ڏيڻي پئجي وئي هُئي. حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان وچ ۾ ٿيل اهڙي معاهدي ۾ فوج ٽياڪڙي ڪرائي هُئي.

جڏهن مظاهرا ختم ٿي رهيا هيا ۽ مظاهرين پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن وڃي رهيا هيا تڏهن هڪ وڊيو وائرل ٿي هُئي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هيو ته پنجاب رينجرز جو ميجر جنرل حيات مظاهرين ۾ پئسا ورهائي رهيو آهي، ۽ مظاهرين کي چئي رهيو آهي، ” هي اوهان لاءِ اسان جو تحفو آهي“.

معاهدي بعد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون ويون ته انهن جي ڪاوشن ۽ ڪوششن سان قوم هڪ وڏي سانحي کان بچي وئي آهي، معاهدي تي ان وقت جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل فيض حميد جي صحيح پڻ موجود آهي. معاهدي بعد خادم رضوي  سندس ساٿي ۽ مظاهرين ته گهر واپس هليا ويا پر بعد ۾ 2018ع ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ تحريڪ لبيڪ پنجاب ۽ سنڌ مان وڏي انگ ۾ سيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي نموني هڪ انتها پسند سياسي جماعت بڻجي وئي.

ڪجهه وقت اڳ ئي تحريڪ لبيڪ پاڪستان فرانس ۾ شايع ٿيل گستاخانه خاڪن جي رد عمل طور تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هنيو هو جنهن کي پڻ هڪ معاهدي سان کي ختم ڪرايو ويو. اهڙي معاهدي جي تحريڪ لبيڪ پاڪستان سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي پروپيگيهنڊا ڪئي، وعدا پورا ٿين يا نه پر اهڙن معاهدن سان انتها پسند ڌڙن کي تمام گهڻي سگهه ملي ٿي.

اهڙين معاهدن جي تاريخ پراڻي آهي، ماضيءَ ۾ به ڏکڻ وزيرستان جي طالبان ڪمانڊر نيڪ محمد سان پشاور جي ڪمانڊر جنرل صفدر حسين معاهدو ڪيو ۽ کيس گلن جا هار پارايا. ڏکڻ وزيرستان جي ڪمانڊر گل بهادر هُجي يا وري سوات جو صوفي محمد هُجي انهن معاهدن سان حڪومت ۽ رياست ڪمزور ئي ٿيندي آهي ۽ انتها پسند قوتون سگهاريون ٿينديون آهن، جڏهن ته معتدل ۽ روشن خيال قوتون ته هونئن به ملڪ ۾ ” فاشسٽ لبرل“ جا الزام برداشت ڪنديون رهنديون آهن.

مرحوم خادم رضوي جون پنهنجي وفات کان اڳ حڪومت کي ڏنل ڌمڪيون اڃان تائين اسان جي ذهنن ۾ ٻري رهيون آهن، ” توهان جي پيءَ جو ملڪ آهي، اسان جي مرضي جتان به ريلي ڪڍون ۽ ڪٿي به ختم ڪيون“.

اسان رڳو اهو ئي چئي سگهون ٿا ته اهڙيون ڌمڪيون، ماضيءَ جي مهربانين جو فيض آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.