ملير: شاھ لطيف ٽائون ۾ قائم ڌاڳي واري مل جي انتظاميا خلاف پورهيتن جو مظاهرو

ڪراچي جي علائقي شاھ لطيف ٽائون ۾ قائم آرٽسٽ ڌاڳي واري مل پاران پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ ۽ ڪمپني انچارچ طرفان پورهيتن تي تشدد ڪرڻ خلاف اسحاق علي  پتافي, احسان علي پتافي, صدام کوسو, غلام نبي رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو, ان موقعي تي پورهيتن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته نجي ڪمپني آرٽسٽ انتظاميا بنا ڪنهن سبب جي مقامي ماڻهن کي تعصب جي بنياد تي نوڪرين تان برطرف ڪيو آهي, برطرفين جو سبب پڇڻ تي ڪمپني انچارج حامد علي پورهيتن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي ۽ بناڪنهن سبب جي گهر ڀيڙو ڪري رهيو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته برطرف پورهيتن کي بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي,هنن چتاءُ ڏنو ته پورهيتن سان انصاف نه ٿيو ته  ڪمپني گيٽ آڏو پاڻ ساڙينداسين.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.