داد لغاري ۾ برک سياستدان ۽ پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سردار احمد علي خان پتافي جي ياد ۾ سندس اباڻي ڳوٺ ڪينجھر پتافي ۾ سندس فرزند صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي طرفان مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، ڪيمپ جو افتتاح صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي ڪيو ، ڪئمپ ۾ علائقي جي سوين ماڻهن پاران چيڪ اپ ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي، مرحوم سردار احمد علي پتافي جي ٽين ورسي جي مناسبت سان سندن پٽن ايس ايس پي عبدالقيوم پتافي ۽ صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي چيو ته سردار احمد علي سنڌ جي سياست ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ، ھنن چيو ته سندس ياد ۾ ٻن ڏينهن لاء فري ميڊيڪل ڪيمپ جو مقصد سندس روح کي ايثال ثواب پھچائڻ آھي ،ڪئمپ ۾ بي پھچ ماڻهن جو مفت علاج ڪيو پيو وڃي َ