ايران جي ڏکڻ ڪوريائي سامونڊي جهاز ۽ عملي کي يرغمال بڻائڻ جي ترديد

 

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران اهڙين خبرن جي ترديد ڪئي آهي ته ان طرفان ڏکڻ ڪوريائي سامونڊي جهاز ۽ ان جي عملي کي يرغمال بڻايو ويو آهي.

ايراني اختيارين چيو آهي ته نه اسان ڪنهن ڏکڻ ڪوريائي سامونڊي جهاز کي قبضي ۾ وٺي ان کي استعمال ڪري رهيا آهيون ۽ نه ان جي عملي کي يرغمال بڻايو آهي.

واضح رهي ته ايران ڏکڻ ڪوريا جي ان آئل ٽئنڪر کي ڪالهه سومر ڏينهن آبنائي هرمز جي علائقي مان پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو.

ان ڏس ۾ ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آئل ٽئنڪر کي ماحولياتي سببن جي بنياد تي قبضي ۾ ورتو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.