سپريم ڪورٽ جو 30 نيون احتساب عدالتون هڪ مهيني ۾ فعال ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت کي سيڪريٽري قانون جي مستقل مقرري ڪرڻ ۽ 30 نيون احتساب عدالتون هڪ مهيني ۾ فعال ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سپريم ڪورٽ ۾ 120 نين احتساب عدالتن جي قيام واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ته عدالت سيڪريٽري قانون جي عدم مقرري جو نوٽيس ورتو. عدالت وفاقي حڪومت کي سيڪريٽري قانون مستقل طور مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته قانون واري وزارت کي ايڊ هاڪ ازم تي نٿو هلائي سگهجي.

سپريم ڪورٽ 30 نيون احتساب عدالتون هڪ مهيني ۾ فعال ڪرڻ جي هدايت به ڪئي. چيف جسٽس پڇيو ته احتساب عدالتن جي قيام کي ڇو ٽنگيو پيو وڃي؟

ايڊيشنل اٽارني جنرل سهيل محمود ٻڌايو ته ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيبلشمنٽ مان منظوري ٿي چڪي، 11 جنوري کان عملي جون ڀرتيون شروع ٿينديون.

سپريم ڪورٽ احتساب عدالت ڪراچي کي لاکڙا پاور پلانٽ ڪرپشن ڪيس جو فيصلو هلندڙ مهيني ڪرڻ جي هدايت ڪندي نيب ۽ حڪومت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي فيبروري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.