سن ۾ امن ڪميٽي جي سڏ تي ڪشميري عوام جي حق ۾ ريلي

سن ۾ امن ڪميٽي جي سڏ تي ڪشميري عوام جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي ، سن ۾ قومي امن ڪميٽي براءِ بين المذھب هم آھنگي ۽ اين پي سي آءِ جي مرڪزي چيئرمين سيد علي محمد شاه راشدي جي سڏ تي ڪشميري ڀائرن سان ٿيندڙ  ظلم خلاف پاڪستان ۽ ڪشمير جا جهنڊا هٿن ۾ کڻي شاهي بازار مان ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو،  ان موقعي تي تعلقي مانجهند جي چيئرمين قادر بخش کوسو،  اميت ڪمار،  معشوق علي کوسو، قربان علي کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشميرين سان ڀارت ظلم ۽ بربريت ڪري رهيو آهي ،  اهو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ، هنن چيو ته  اسين پاڪستاني ڪشميرين جي ڀرپور حمايت ڪريون ٿا،  هر جدوجهد ۾ ساڻن گڏ آھيون، هنن مطالبو ڪيو ته عالمي انساني حقن جون تنظيم ظلم جو نوٽيس  وٺن .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.