نصير آباد لڳ ڪيترائي ڳوٺ مسئلن جو شڪار، چونڊيل نمائندا لاپتا

نصيرآباد (رپورٽر) يوسي ميانداد چنجڻي ۽ يوسي ڌامراه جي ڀرپاسي وارا ڳوٺ هر بنيادي سهولتن کان محروم، تعلقي نصيرآباد جي يوسي ميانداد چنجڻي ۽ يوسي ڌامراه جا اڪثر ڳوٺ جنهن ۾ الهڏتو ڪانڌڙو. پنهل خان چنجڻي. نبي بخش ڪانڌڙو، قائم خان مغيري سميت ڪافي ڳوٺ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن، جنهن ۾ روڊ، تعليم، بجلي، پاڻي وغيره، اهم آهن، هنن ڳوٺن ۾ چونڊيل نمائندن طرفان ڪي به ترقياتي ڪم ناهن ٿيا. جنهن ۾ گھٽيون، ناليون، سولر پليٽون، واٽر سپلاء وغيره، ۽ڪجه ڳوٺن ۾ ڪي ترقياتي ڪم مڪمل به نٿي سگهيا آهن ۽ سال گذرڻ جي باوجود به انهن کي مڪمل ناهي ڪيو ويو. جئين ميانداد چنجڻي ۾ روڊ جون پلون (موريون)، گرلز بوائز اسڪول ۽ واٽرسپلاءَ وغيره، ڳوٺاڻن سجاد علي چنجڻي، صالح پيرزادو، حامد علي چنجڻي ۽ رحمت الله داهيندي چيو ته، اسان جي يوسي جي ڳوٺن جو شمار هن وقت لاوارث ڳوٺن ۾ڳڻيو وڃي، ڇو ته هتان جي چونڊيل نمائندن هميشه هن علائقي کي نظر انداز ڪيو آهي ۽ هو هن علائقي خوشحال ڏسڻ نٿا چاهن، اگر انهن ۾ سچائي هجي ها ته اسان جو علائقو هي خوشحال هجي هان ۽ پوئتي پيل نه هجي هان، ڇو ته چار سالن کان وٺي بجلي جو ڪم ناهي ٿيو، ۽ روڊ ٺھيو ته سورن سان ٺهيو ۽ روڊ جون ڪي پلون به اڃان رهيل آهن، ۽ پندرنهن سالن کان گرلز اسڪول جي بلڊنگ ناهي ٺهي سگهي، ۽ هن يوسي ۾ هر ماه الائي ڪيتري بجيٽ اچي ٿي ۽ کوڙ ساريون اسڪيمون آيون. خدارا هنن يوسي ميانداد چنجڻي ۽ يوسي ڌامراه جي ورڪ ڪري هتان جي عوام کي بنيادي سهولتون ڏئي هنن مان بي چيني ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.