اڪري ۾ نوجوان جو قتل ڪيس داخل، هڪ جوابدار گرفتار

اڪري چودڳي ( ن ع آ )  اڪري ٿاڻي جي حد ڳوٺ لنڊو ۾  ٻه ڏينهن اڳ 35 ورهين جي قربان علي لاشاري کي جوابدارن مبينا طور گهر اندر داخل ٿي رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو، مقتول جي ڀاءُ مراد لاشاري پاران ٻئي ڏينهن ٿاڻي پهچي ڳوٺ رانجهو پاتو واسي جوابدارن علي گل راڄپر، قائم راڄپر، رشيد راڄپر سميت ٻن اڻ سڃاتلن جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، داخل ڪيل ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته هن ٻه سال اڳ جوابدار ڌر جي ناري شفيقا ڌيءُ اميربخش سان پيار پرڻو ڪيو هيو جنهن سبب جوابدار مون مٿان ڏمريل هيا ۽ موتمار ڌمڪين جا نياپا پڻ موڪليندا هيا، جڏهن ته ڪالهه رات جوابدارن گهر اندر داخل ٿي منهنجي ڀاءُ کي رپيٽر جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف اڪري پوليس موجب ڪالهه کان وٺي جوابدار ڌر جي گهرن تي چڙهايون ڪري رهيا آهيون هڪ جوابدار قائم راڄپر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٻين جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن، هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر پاران کين ناحق قتل ڪيس ۾ ڦاسائڻ ۽ اڪري پوليس مٿان کين جي گهرن مان ڦرلٽ ڪرڻ، چوپايو مال ڪاهي وڃڻ جا الزام لڳايا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.