ڪنب ( ن ع آ ) ڪنب ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني ۽ چوريون ٿيڻ معمول بڻجي ويون آھن، گذريل رات ديرسان ڪنب ٿاڻي جي حد مصري شاه اسٽاپ تي نامعلوم چور دڪاندار جلال وساڻ جي دڪان جا تالا ٽوڙي هزارين رپيا روڪ ۽ سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا پوليس کوجي ڪتن جي مدد سان چورن جو پيڇو ڪيو کوجي ڪتا ڪنب لڳ ڳوٺ سڄڻ اڄڻ ۾ هڪ گهر آڏو ويهي رهيا ڪنب پوليس ٻن ڄڻن کي چوري جي شڪ ۾ گرفتار ڪري ورتو آھي . جڏهن ته چوري جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو