سپريم ڪورٽ پروين رحمان قتل ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي جلد فيصلي جو حڪم ڏيندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سال 2013ع ۾ ڪراچي ۾ قتل ڪيس سماجي ڪارڪن پرويز رحمان جي قتل ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ کي جلد فيصلي جو حڪم ڏيندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو.

خيال رهي ته پنهنجي سڄي حياتي ملڪ جي غريبن پاڙن جي ترقي لاءِ وقف ڪندڙ اورنگي پائلٽ پروجيڪٽ جي سربراهه پروين رحمان کي 13 مارچ 2013ع ۾ ڪورنگي ٽائون اندر سندس آفيس ڀرسان گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ عدالت عظميٰ جي جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پروين رحمان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت طرفان ڪيس اُڪلائڻ تي درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته ڪيس کي نه اُڪلايو وڃي جڏهن ته ڄاڻايل معڳاملي تي بڻايل 2 گڏيل جاچ ٽيمن (جي آءِ ٽيز) جون رپورٽون ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ناهن ڪيون ويون.

ان تي جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته گهڻو وقت گذري چڪو آهي، اسان چاهيون ٿا ته انصاف تي ٻڌل فيصلو ٿئي.

عدالتي ريمارڪس تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي.

جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جاچ ايجنسي نٿي بڻجي سگهي.

بعد ۾ عدالت اِهو چوندي ڪيس اُڪلائي ڇڏيو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ درخواستگذار ٻيهر عدالت سان رابطو ڪري سگهي ٿو.

عدالت چيو ته مرڪزي اپيل تي تفصيلي فيصلو بعد ۾  جاري ڪيو ويندو.

سپريم ڪورٽ هدايت ڏني ته جي آءِ ٽي رپورٽون 2 هفتن ۾ ٽرائل ڪورٽ ۾ جمع ڪرايون وينديون جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ جي آءِ ٽي رپورٽن تي جلد فيصلو ڪندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.