ريئل مي 2021ع جو پهريون فليگ فون شپ متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار

سام سنگ طرفان نئون فليگ شپ فون 14 جنوري تي متعارف ڪرايو پيو وڃي پر هن سال جي پهرين فليگ شپ ڊيوائس ريئل مي طرفان پيش ڪئي ويندي.

جي ها ريئل مي پنهنجي نئين فليگ شپ فون کي 7 جنوري تي متعارف ڪرايو پيو وڃي.

ان فون کي ريئل مي وي 15 جو نالو ڏنو ويندو جو هن ڪمپني جو پهريون ڪوالڪوم اسنيپ ڊراگون 888 پراسيسر سان ليس هوندو.

ان کان اڳ هي پراسيسر رڳو شيائومي 11 ۾ ئي ڏنو ويو آهي.

اڳ ۾ چيو پئي ويو ته هن فون کي ريئل مي جو ڪو نالو ڏنو ويندو. هن فون جون تصويرون آن لائن سامهون آيون آهن جنهن ۾ بيڪ تي 3 رنگ موجود آهن.

هي فون چين ۾ متعارف ڪرايو ويندو ۽ جلد ئي ٻين ملڪن به موجود هوندا.

هن جي فيچرز جي ڳالهه ڪجي ته ليڪس موجب فون جي بيڪ تي 3 ڪيمرائون هونديون.

فون جي فرنٽ تي پنج هول ڊيزائن ۾ سنگل ڪيمرا ڏنو ويندو جڏهن ته او ايل اي ڊي اسڪرين هوندي جنهن جي اندر فنگر پرنٽ اسڪينر لڪيل هوندو.

فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي.

ريئل مي جي هن فون ۾ 125 واٽ الٽرا ڊارٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڏني ويندي جيڪا 4000 ايم اي ايڇ بيٽري کي 5 منٽن ۾ 41 سيڪڙو ۽ 20 منٽن ۾ مڪمل چارج ڪندي.

مختلف افواهن موجب هن فون جي قيمت 5 هزار يو آن (هڪ لک 24 هزار پاڪستاني رپين) تائين ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.