ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون وڌيڪ ٽن ڏينهن لاءِ بند ٿي ويون آهن.
آل پاڪستان سي اين جي ايسوسيئيشن ٻڌايو آهي ته ايس ايس جي سي جي نوٽيفڪيشن موجب 4 جنوري سومر ڏينهن صبح 8 کان 7 جنوري خميس ڏينهن صبح 8 وڳي تائين سڄي سنڌ ۾ سي اين جي اسٽيشنون مسلسل 72 ڪلاڪن تائين بند رهنديون.
واضح رهي ته صوبي ۾ آر ايل اين جي تي منتقل ٿيندڙ اسٽيشنون به بند رهنديون.