حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کان خوفزده ٿي وئي آھي: جاويد ناياب لغاري

پيپلز پارٽي يوٿ ونگ جي صوبائي صدر جاويد ناياب لغاري  چيو آھي ته حڪومت پي ڊي ايم جي تحريڪ کان خوفزده ٿي وئي آھي ۽ پي ڊي ايم جي تحريڪ جي دٻاء سبب عمران ۽ ان جا وزير روز نوان بيان ڏئي پاڻ بچائڻ جا جتن پيا ڪن، سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران جي اڍائي سالن جي حڪومت نئين پاڪستان جي نالي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آھي هن اوٻاوڙو واقعي بابت چيو ته سنڌ حڪومت انڪوائري ڪرائي رهي آھي ،ان موقعي تي يوٿ ونگ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري مسرور راڄپر،، ڊاڪٽر بشير جمالي، سيد علي حيدر شاھ، فرحان لغاري، محسن لاکو، عمران ڪيريو،  ڪاشف رضا سيال  ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.