ڪراچي: بحريا ٽائون ۾ نوجوان ماءُ ۽ گهرو ملازم کي قتل ڪري پاڻ به آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي سپر هاءِ وي تي موجود بحريا ٽائون ۾ 27 سالن جي نوجوان فائرنگ ڪري پنهنجي ماءُ ۽ گهرو ملازم کي قتل ڪرڻ کان پوءِ آپگهات ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي ملير عرفان بهادر جو چوڻ هو ته 27 سالن جو شمائل حيات بحريا ٽائون ۾ پنهنجي گهر ۾ ماءُ ۽ گهرو ملازم تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته نوجوان بعد ۾ پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪري ڇڏيو.

ايس ايس پي ملير چيو ته شمائل حيات جي حالت ڳڻتي جوڳي هئي ۽ بعد ۾ هو فوت ٿي ويو.

هن ٻڌايو ته پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.

خاندان جي ٻين فردن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو.

سندس چوڻ هو ته ضروري قانون ڪارروائي لاءِ ٽئي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

گڏاپ ۾ شهري قتل:

پوليس موجب گڏاپ سٽي ۾ اڻڄاتل ماڻهن 28 سالن جي شهري کي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته موٽر وي 9 ۾ لڪي سيمنٽ ڀرسان ڪنڊين مان لاش هٿ ٿيو ۽ سڃاڻپ نواز علي جي نالي سان ٿي.

ايس ايس پي ملير چيو ته شروعاتي جاچ ۾ اِها ڳالهه سامهون آئي آهي ته قتل جو واقعو دشمني جو نتيجو ٿو لڳي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.