پ پ ايم اين اي نورمحمد شاهه جيلاني ڪورونا سبب لاڏاڻو ڪري ويو

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) پ پ ايم اين اي ۽ جيلاني  جماعت جو روحاني پيشوا پير نور محمد شاھ جيلاني ڪورونا سان جهيڙيندي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو،پير نور محمد شاھ جيلاني کي ڪجھ ڏينهن اڳ ڪورونا جي تصديق ٿي هئي ۽ کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي هن ڪالھ دم ڌڻي حوالي ڪيو،پير نور محمد شاھ جيلاني ننگرپارڪر ۽ ڇاڇري واري قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پ پ جو ايم اين اي چونڊيل هو،اُنهي کان اڳ به ڄاڻايل سيٽ تان پير نور محمد شاھ جيلاني ايم اين اي چونڊجندو رهيو آهي،گذريل اليڪشن دوران پير نور محمد شاھ جيلاني سخت مقابلي بعد شاھ محمود قريشي کي شڪست ڏيئي پاڻ سوڀارو ٿيو هو،ٿر پارڪر ضلعي ۾ پير نور محمد شاھ جيلاني جي مريدن جو وڏو انگ موجود آهي،فوتگي جي خبر ٻُڌنڌي ئي هر پاسي ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي ،ٻُڌايو پيو وڃي ته پير نور محمد شاھ جيلاني جو مڙھ ٽنڊوالهيار ڀرسان درگاھ ڪامارو شريف آندو ويو،هوڏانهن ٻئي پاسي پ پ ايم اين اي پيرنور محمد شاھ جيلاني جي اوچتي وڇوڙي تي مٺي،اسلام ڪوٽ،ڇاڇرو،ڏيپلو،ننگر پارڪر،چيلهار،ڏانوڌانڌل ۽ ٻيا شهر مڪمل طور تي بند ٿي ويا، هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، وڏي وزير مراد علي شاهه،  صوبائي وزير ناصر شاهه، صدر مملڪت عارف علوي ۽ ٻين ڏک جو اظهارڪ ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.