عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن جو عوامي آواز هيڊ آفيس جو دورو،سٿ کي اجرڪ پارايا

عوامي جمهوري پارٽي جي  اڳواڻن عوامي آواز ميڊيا گروپ جي آفيس جو دورو ڪري اخبار ۽ ٽي وي جي سموري سٿ کي ثقافتي سوکڙي  اجرڪ اوڍايا . عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ غلام قمبر هاجاڻو، لال محمد چانڊيو، رشيد لغاري ۽ شفقت نوناري هيڊ آفيس پهچي سموري سٿ کي اجرڪ اوڍايا . ان موقعي تي روزاني عوام آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته عوامي آواز سنڌ جي هر مسئلي تي آواز اٿاريو آهي، جنهن کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا، ٻيٽ هجن يا ڪارونجهر جي ڪٽائي، اهڙا فيصلا قبول نه آهن، حڪمرانن کي سنڌ جو آواز ٻڌڻو پوندو.

هنن چيو ته سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال پراڻي آهي، ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ عوامي آواز اڳڀري رهي آهي. ان موقعي تي عوامي آواز جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو  ايڊيٽر عوامي جمهوري پارٽي جي سٿ جا ٿورا مڃيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.