بلڙي لڳ نوجوان جو لاش هٿ، قتل شڪ

بلڙي شاھ ڪريم (ن ع آ ) ملاڪاتيار ويجهو ڳوٺ غلام حسين سومرو ۾ پڃاري بئراج لڳ ڍنڍ مان دڙو واسي نوجوان حنيف پٽ  احمد سومرو جو لاش مليو جنهن جو اطلاع ملڻ تي ملاڪاتيار پوليس پهچي تحويل ۾ وٺي بلڙي شاھ ڪريم رورل هيلٿ سينٽر پهچايو ويو جتي پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. اطلاع تي دڙي جي سومرا برادري جا ماڻھو فوتي جي والد احمد سومري دائود ، حافظ ھدايت سميت وڏي تعداد۾ بلڙي شاهه ڪريم اسپتال پھتا جتي ھنن سندن نوجوان جي قاتل جو شڪ ظاھر ڪندي مڪمل پوسٽ مارٽم ڪرڻ جي گھر ڪئي ڊاڪٽر منيش وارثن کي پنج عدد شيشي جون مخصوص برنيون آڻڻ جو چيو بلڙي شاهه ڪريم ۾ برنيون نه ملڻ ڪري ٽنڊو محمد خان مان برنيون گھرايون پئي ويون  ابتدائي طور ڊاڪٽر منيش فوتي جي جسم جي چڪاس کانپوءِ چيو ته مقتول جو موت ممڪنا طور پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب ٿو لڳي جسم تي ظاهري ڌڪ نشان نه آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.