نيب طرفان اسحاق ڊار سميت ٻين ڪيترن ئي ڄڻن خلاف انڪوائري جي منظوري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير مهدي شاهه جي خلاف انڪوائرين جي منظوري ڏئي ڇڏي.

قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس قومي احتساب بيور جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ نيب جي ڊپٽي چيئرمين، پراسيڪيوٽر جنرل اڪائونٽبلٽي نيب، ڊي جي آپريشن نيب، ڊي جي نيب راولپنڊي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. قومي احتساب بيورو جي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 2 ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي.

پهرين ريفرنس ۾ نيب اڳوڻي ڊائريڪٽر اسٽيٽ مينجمنٽ سي ڊي اي اسد الله فيض، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل مينجمنٽ سي ڊي اي شاهد مرتضيٰ بخاري، ڊي اي او اسٽيٽ مينجمنٽ ٽو سي ڊي اي محمد ارشد، اڳوڻي اڪائونٽس آفيسر اسٽيٽ مينجمنٽ سي ڊي اي مقبول احمد، عطا الرحمان، سعيد الرحمان، منور احمد ۽ محمد احمد جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوابدارن تي مبينا طور غير قانوني طور ڪلينڪ لاءِ مختص پلاٽ کي ڪمرشل مقصدن لاءِ الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي، جنهن سان قومي ناڻي کي 91.964 ملين رپين جو نقصان رسايو.

ٻئي ريفرنس ۾ اي ايس بابر هاشمي اڳوڻي سفير ايمبيس آف پاڪستان صوفيه، محمد طيفل قاضي، اڳوڻي اڪائونٽنٽ ايمبيسي آف پاڪستان صوفيه جي خلاف بدعنواني جو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جوابدارن تي مبينا طور سفارتخاني جي فنڊن ۾ گهوٻين جو الزام آهي. جنهن سان قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان رسيو.

ٻئي پاسي اجلاس ۾ ٽن انويسٽي گيشنز جي منظوري ڏني وئي. جنهن ۾ چيف ايگزيڪٽو آفيسر زرعي ترقياتي بينڪ لميٽڊ سيد طلعت محمود ۽ ٻين جي خلاف ٻن انويسٽي گيشنز جڏهن ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ لياقت جمنازيم جي ٻن آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف انويسٽي گيشن جي منظوري شامل آهي.

اجلاس ۾ ست انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. جنهن ۾ اڳوڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، گلگت بلتستان جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مهدي شاهه، چيف ايگزيڪٽو آفيسر زيد ٽي بي ايل سي طلعت محمود ۽ ٻين مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي آفيسرن ۽ ٻين، اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي صوبائي ميمبر ملڪ تنوير اسلم اعواڻ ۽ ٻين، نمرا تنوير، راحيلا اصغر، اصغر نواز، ميسرز جيوماسٽرز پرائيويٽ لميٽڊ، ميسرز جيوماسٽر انٽرنيشنل لميٽڊ جي انتظاميا ۽ ٻين جي خلاف انڪوائريز شامل آهن.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر منظور حسين سومرو اڳوڻي چيئرمين پاڪستان سائنس فائونڊيشن حڪومت پاڪستان، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي آفيسر/اهلڪارن ۽ ٻين جي خلاف جاچ جو معاملو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن ۽ ٻين جي خلاف پاڪستان ايمبيسي ٽوڪيو جاپان جي عمارت جي وڪرو وارو معاملو وڌيڪ ڪارروائي لاءِ پرڏيهي وزارت ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.