اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان کي برطانوي شهزادي چارلس ٽيلي فون ڪئي ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن تي ڳالهين سميت پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪيو.
پڌرائي موجب وزير اعظم عمران خان ۽ پرنس آف ويلز شهزادي چارلس ڳالهين دوران پاڪ برطانيا ويجهي ۽ منفرد لاڳاپن جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪ برطانيا بهترين عالمي دوستي به ڳالهيون ڪيون.
شهزادي چارلس پاڪستان ۾ ڪورونا سبب ٿيل فوتگين تي افسوس جو اظهار به ڪيو.
پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته برطانيا ڪورونا وبا جي دوران پاڪستان کي ضروري امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ٻنهي اڳواڻن عالمي چينلجن کي منهن ڏيڻ ۾ وڌيڪ عالمي سهڪار جي ضرورت تي اتفاق ڪيو ۽ خاص ڪري موسمياتي تبديلي ۽ ماحول جي تحفظ لاءِ عالمي سهڪار تي زور ڏنو.