ٽنڊوآدم ۾ سوناري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو

ٽنڊوآدم ۾ سوناري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سوناري شاهد انصاري تي ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مٿس سرعام تشدد خلاف صرافه ايسو سي ايشن جي اڳواڻن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي ، ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي اڳواڻن راشد شيخ ، نامدارخان ، ٿاور داس ، يونس آريسر ۽ ٻين الزام مڙهيو ته صرافه ايسو سي ايشن جي اڳوڻي صدر افضل اڪرام قريشي ايسو سي ايشن جي چونڊن کي روڪرائڻ لاءِڌمڪيون ڏنيون ۽ بعد ۾ پنهنجن پٽن فيصل ۽ دانيال قريشي معرفت سوناري شاهد انصاري جي دڪان تي پوليس اهلڪارن سان گڏجي حملو ڪري تشدد ڪيو جنهن ۾ 13 تولا سونا زيور ۽ 5 لک به گم آهن،  هنن چيو ته جيڪڏهن سوناري جي تذليل ڪندڙن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ويئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.