مصري ماڊل کي نامناسب لباس ۾ تاريخي ماڳ تي فوٽو شوٽ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو

 

قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصر ۾ سقارا جي ماريخي ماڳ تي نامناسب لباس ۾ ماڊلنگ ڪرڻ تي مقامي ماڊل سلميٰ الشيمي خلاف جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب قديمي اثارن بابت مصر جي سپريم ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مصطفيٰ وزيري ڄاڻايل واقعي ۾ ملوث ماڊل خلاف بنا دير جاچ شروع ڪرڻ ۽ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سندس چوڻ هو ته قديمي آثار قرار ڏنل علائقي ۾ ڪنهن ماڊل جو فرعوني دور جي لباس ۾ بنا اجازت داخل ٿيڻ ۽ اتي ماڊلنگ ڪرڻ غير قانوني آهي.

هوڏانهن مقامي ماڊل جون فوٽو شوٽ جون تصويرون سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي به مصري عوام ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي.

واضح رهي ته ماڊل سلميٰ الشيمي اهرام مصر جي ان قديمي علائقي ۾ تصويرون ۽ ويڊيوز ٺاهيون، پوءِ انهن کي هن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي به شيئر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.