وارهه ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن جو پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري

وارهه ٽائون ڪميٽي جي ڪچن ملازمن پگھارون نه ملڻ خلاف 33 هين ڏينهن به احتجاج جاري رکيو

وارھ ٽائون ڪميٽي ۾ ڀرتي ٿيل ڪچن ملازمن راشد چانڊيو ۽ عبدالوحيد ٽوٽاڻي ٽن مهينن کان پگھارون نه ملڻ ۽ نوڪري مان جبري برطرف ڪرڻ خلاف 33 هين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي ملازمن جو چوڻ هو ته ستن سالن کان وارھ ٽائون ۾ ڊيوٽيون ڏئي رهيا هئاسين پر ايڊمنسٽريٽر منور سومرو  بنا جواز برطرف ڪري پگهارون بند ڪري ڇڏيون آھن جنهن سبب هو فاڪا ڪاٽڻ تي مجبور آھن

ملازمن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پگهارون ڏياريون وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو …

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.