حيدرآباد ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي: موسميات کاتو

حيدرآباد (م ڊ) موسميات کاتي مطابق حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڄ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي. موسميات کاتي مطابق گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 14 سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ 28 سينٽي گريڊ ۽ هوا ۾ گهم 50 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ ٻن ڏينهن دوران ڄاڻايل علائقن ۾ موسم ساڳئي ريت خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.

هلندڙ مالي سال سيلز ٽيڪس محصول ۾ 4.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد (م ڊ) هلندڙ مالي سال دوران آمدني واپار تي سيلز ٽيڪس جي محصول ۾ 4.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. لارج ٽيڪس پيئرز آفيس (ايل ٽي او) ڪراچي جي رپورٽ مطابق هلندڙ مالي سال جي شروعاتي چئن مهينن ۾ جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع دوران روانگي واپار تي سيلز ٽيڪس وصولين جي مد ۾ 279 ارب روپين جي ٽيڪس وصول ڪئي وئي جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ جولاءِ کان آڪٽوبر 2019ع دوران آمدني واپار تي سيلز ٽيڪس محصول جو ڳاڻيٽو  267 ارب روپيا هو. اهڙيءَ طرح گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين چئن مهينن دوران آمدني واپار تي سيلز ٽيڪس وصولين جو ڳاڻيٽو 12 ارب روپيا رهيو جنهن ۾ 4.5 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.