سمورين ثقافتن مان سنڌ جي ثقافت انتھائي شاندار آهي

رتوديرو (ت ر) رتوديرو شهر ۾ سنڌي ثقافت جا رنگ نکري آيا مچ ڪچهري ۽ ثقافتي مشاعري جي تقريب به ٿي جنهن ۾ شرڪتڪندڙن پاران سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پهري شموليت ڪئي وئي انهيءَ حوالي سان سنڌي ميڊيا پاران اعلانيل ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان سنڌي ادبي سنگت شاخ رتوديرو پاران وڏو علم ميدان تي قومي ثقافتي مشاعرو ۽ مچ ڪچھري جو هڪ خوبصورت ۽ شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سميت سياسي، سماجي، علمي، ادبي تنظيمن سميت صحافين، ساڃاهوندن ۽ شھرين ثقافتي ويس سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪ پائي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي سمورين ثقافتن مان سنڌ جي ثقافت انتھائي شاندار ثقافت آهي جنھن جو خاص ڏينھن مقرر ڪري سنڌي ميڊيا وارن تاريخ لکي تاريخي ڪم ڪيو آهي اسان 6 ڊسمبر قومي عيد  جو ڏينهن ڪري ملهائينداسين.جسقم اڳواڻ مومن سمون، سيد محبوب علي شاهه، سيد شاهد حسين شاهه ۽ ٻين پڻ ڳالهايو. تقريب ۾ ناليوارن شاعرن ۽ سگھڙن پروفيسر ملهار سنڌي ، ايم بي ابڙو ، سيد الطاف حسين غيور ، باغي بلوچ ، عبدالسميع عبد ميمڻ ، سرواڻ ساقي ابڙو ، نعيم بخاري ، مسعود ميمڻ سگھڙن ربنواز پرويو ، شاهنواز شيدائي ، نثار جويو ، عطا محمد شيخ ۽ ٻين سنڌ ڌرتي جي ثقافت ۽ تهذيب کي جذباتي انداز سان منظوم ڀيٽا پيش ڪئي، جڏهن ته اڪبر عارباڻي ، ڊاڪٽر عمران اڪبر عارباڻي ، پروفيسر شمس الدين ساريو هن ثقافتي تقريب کي پنهنجو خطاب ڪندي چيو ته اسانکي پنھنجي سنڌي ثقافت تي ناز آهي سنڌي ميڊيا جي اعلانيل ثقافتي ڏينهن کي هر سال جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون۔ تقريب ۾ مٿين کان علاوه آصف خان جلباڻي ، محمد باقر جوڻيجو ، انعام خان جلباڻي ، نشاط ٿھيم ، قربان علي ٻپڙ ، اعجاز آڪاش ساريو ، صاحبڏنو تونيو ، ثناء الله لڪ ، خالد حيسن اوڍو ، اختر بليدي ، صدر ايراني ، مولا بخش بروهي ، سيد پرنس شاه ، عرفان شاه ، ڪامران نقوي ، سيد ڀورل شاه ، حبيب بليدي ، محبوب مصور ، ضياء ساريو ، حفيظ ابڙو ، سيد ثمر شاه ، وجاهت شاه ، احمد علي ويسر ، آزاد لاشاري ، رياض حسين ابڙو ، حسن رضا ابڙو ، رفيق بوزدار ، آصف منگي ، رفيق ابڙو ، برڪت سمون ، محمد حفيظ ويسر ، اصغر گهانگهرو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي۔ آخر ۾ محفل موسيقي پڻ ٿي جيڪا پرھ ڦٽي تائين جاري رهي جنھن ۾ معروف فنڪارن سيد آفتاب علي شاه ، محسن عباس نوناري ، سليم رضا جلباڻي نجف علي لانگاه ۽ سيد حسين شاه بخاري قومي گيت ڳائي ماڻهن کي جهومڻ تي مجبور ڪري  ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.