پاڪ – نيوزيلينڊ سيريز کي ڪو خطرو ناهي: پي سي بي چيئرمين

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته نيوزيلينڊ حڪومت جي خدشن جو احترام ڪيون ٿا پر ٽيم جي نيوزيلينڊ دوري کي ڪو خطرو ناهي.

خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته اسان جي رانديگرن مان 6 ڪورونا سان متاثر ٿيڻ کانپوءِ ڪيوي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ان جي حڪومت جي خدشن جو احترام ڪيون ٿا، نيوزيلينڊ پهچڻ کانپوءِ ڪجهه معمولي ڀڃڪڙيون ٿيون، جن کي حقيقتن بنا منظر تي آندو ويو.

هن چيو منهنجو ناهي خيال ته سيريز کي ڪو خطرو آهي، ڇو ته اسان جا رانديگر آئسوليشن پروٽوڪولز تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهن.

سندس موجب نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ۽ صحت اختيارين طرفان ان وقت ڪجهه ڀڃڪڙين جو ذڪر ڪيو ويو، جڏهن رانديگر آئسوليشن ۾ داخل ٿيا هئا، ان عرصي دوران اهي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهيا هئا، اهو 22 ڪلاڪن جو سفر هو ۽ رانديگر ٿوري رعايت جا حقدار هئا، بهرحال ڀڃڪڙيون ٿيون ۽ ڪنهن به عذر پويان لڪڻو ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.