اداڪار شهريار منور جو تنقيد ڪندڙن کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪار شهريار منور پنهنجي فوٽو شوٽ تي تنقيد ڪندڙن کي جواب ڏئي چُپ ڪرائي ڇڏيو.

اداڪار منور شهريار پنهنجي فوٽو شوٽ سبب خبرن جي زينت بڻيل هوندو آهي، تازو ئي هن سائرا يوسف سان گڏ به فوٽو شوٽ ڪرايو هو، جنهن ۾ سائرا جي بولڊ انداز سبب سوشل ميڊيا تي گوڙ ٿي رهيو هو، ڇو جو اداڪارا جو اهو انداز مداحن ۽ سوشل ميڊيا واهپيدارن کي پسند نه آيو هو پر سائرا کان پوءِ هاڻ واهپيدارن شهريار کي به تنقيد جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا کين مهانگي پئجي وئي. ناصر علي نالي واهپيدار شهريار منور جي تصوير تي تنقيد ڪندي لکيو ته هو غريبن جو براڊلي ڪوپر لڳي رهيو آهي،

جنهن تي شهريار به خاموش نه رهندي جواب ۾ لکيو ته غريب هجڻ معاشرتي عيب نه آهي پر آئون اوهان جو ٿورائتو آهيان جو اوهان مون کي غريب سڏيو، جيڪو پنهنجي ۽ گھروارن لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندو آهي، جڏهن ته اهڙا ماڻهو احترام جي قابل هوندا آهن.

هڪ ٻئي واهپيدار طنزيه انداز ۾ چيو ته نماز به پڙهو، اهو نه ٿئي ته وقت کان اڳ اوهان جي نماز پڙهائي وڃي، ان ڀارتي واهپيدار کي اداڪار عاجزاڻي انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته الحمدالله آئون پنج وقت نماز پڙهندو آهيان ۽ ڪڏهن ڪڏهن خدا جي مهرباني سان تهجد پڙهڻ به نصيب ٿيندو آهي.

شهريار منور اهو به لکيو ته نماز منهنجي ۽ رب وچ ۾ معاملو آهي ۽ منهنجو ڪم به مون لاءِ هڪ عبادت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.