ڪلوئي ۾ شهرين جو صفائي لاءِ احتجاج

ڪلوئي (ن ع آ) ڪلوئي شهر جي صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳوڻي نصرالله لشڪري آنند راهي هريش مهاراج ۽ ٻين ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪلوئي شهر جي ٽن مهينن کان صفائي نه پئي ٿئي شهر جي مين رستي تي گٽرن جو گندو پاڻي بيٺل آهي ۽ گندو ڪچرو پيل انتظاميا صفائي ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود انتظاميا نوٽيس وٺڻ جي لاءِ تيار ناهي ۽ شهر جي صفائي لاءِ ڊي سي ٿرپارڪر اسسٽنٽ ڪمشنر ڪلوئي مختيارڪار ڪلوئي سميت سيڪريٽري وٽ بار بار دانهيو تنهن باوجود شهر جي صفائي نه ٿي ڪئي وڃي ۽ انتظاميا شهر سميت ڪلوئي تعلقي جي بجيٽ هڙپ ڪرڻ ۾ پوري آهي هنن اعلي اختيارين ۽ وس وارن کان فوري طور نوٽيس وٺي شهر جي صفائي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.