عوامي آواز ميڊيا گروپ هر سال سنڌ جي ثقافت جو ڏهاڙو مختلف سِرن هيٺ ملهائيندو رهيو آهي، هن سال به عوامي آواز ميڊيا گروپ” اچو ته سنڌ جا وسيلا بچايون“ جي سري هيٺ 6 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ ثقافت جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي ، عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران سڄي سنڌ ۾ ثقافتي ڏينهن تي سنڌ جي وسيلن بابت پروگرام، ثقافتي ريليون ڪڍي، سيمينار ڪرايا ويندا.