وڏي وزير جي تڪ هوندي به پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهيون: درياءُ خان لغاري

سيوهڻ (ن ع  آ ) ايس يو پي  ميونسپل ڪاميٽي (سٽي) سيوهڻ پاران ضلعي صدر درياءَ خان لغاري جي صدارت هيٺ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ مختلف تنظيمن جي اڳواڻن علي اصغر سولنگي،، منصور آزاد چنه، جسقم اڳواڻ نثار سولنگي، محمد فاروق سولنگي، سيد مزمل علي شاھ، مولا بخش نوحاڻي،  علي اڪبر ملاح، محمد شريف سولنگي، محمد بخش رند، غلام نبي بوزدار، صفدر نجفي، الحسيني ريسٽ هائوس يونين جي خالد جتوئي، محبان قلندر ويلفيئر جي زوار منظور سولنگي، سنڌ ملاح فورم جي عرفان ملاح، جدوجهد ڪاميٽي جي احسان رند سميت ڪامريڊ شاهد هاليپوٽو، سوڍو خان جتوئي، سهيل ٻرڙو، ماما اصغر ڪوريجو، محمد يعقوب ڀنڀرو، عبدالحڪيم بڙدي، پرويز سومرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي سيوهڻ شھر جيڪو سي ايم سنڌ مراد علي شاھ جو تڪ آھي پر سيوهڻ واسي هن جديد دور ۾ به پيئڻ جي پاڻي کان محروم آھن مختلف وقتن تي لاڳاپيل ادارن کي شڪايتون ڪرڻ باوجود پاڻيءَ جي قلت برقرار آھي جنهن جو بنيادي سبب ٽينڪر مافيا ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميه جي ملي ڀڳت آھي جنهن سبب شھري خاص طور پسگرداريءَ واريون وسنديون 1000 کان 1500 رپين عيوض پاڻي جا ٽينڪرن خريدڻ تي مجبور آھن، سيوهڻ شھر مان ٽينڪر مافيا جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي.درگاھ قلندر لال شھباز رح جي درگاھ ايس او پيز تحت کولي شھر مان بيروزگاريءَ واري بيچيني ختم ڪئي وڃي.سيوهڻ جي ڪچي آبادي سميت مختلف پاڙن ۽ محلن کي واٽر سپلاءِ ذريعي پيئڻ جو صاف ۽ شفاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.