ڪراچي: سنڌ ۾ گاڏي مالڪن لاءِ نئون ڪمپيوٽرائز سمارٽ ڪارڊ متعارف

سنڌ صوبي ۾ گاڏي مالڪن لاءِ ايڪسائز کاتي پاران نئون ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ جاري ٿيڻ شروع ٿي ويو. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي گاڏين جا ڪمپيوٽرائزڊ (سمارٽ ڪارڊ) جاري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. موٽر رجسٽريشن لاءِ جاري ٿيندڙ (سمارٽ) ڪارڊ ۾ اجرڪ جي به پرنٽ ڏني وئي آهي . هن ڪمپيوٽرائزڊ ڪارڊ ۾ خاص چپ لڳل آهي. جنهن ۾ گاڏي جو سمورو ريڪارڊ موجود هجي ٿو . ڪارڊ ۾ هر گاڏي جي لاءِ الڳ ڪوڊ رکيو ويو آهي. ڪارڊ جي سوئيپ ٿيندي ئي گاڏي جي مالڪ سميت سمورو تفصيل سامهون اچي ويندو .ان سلسلي ۾ عوامي آواز کي ذريعن ٻڌايو ته اجرڪ جي پرنٽ وارو پهريون ڪارڊ 9 نومبر 2020 تي جاري ٿيو، جيڪو سلسلو هاڻ مسلسل هلندو رهندو .جڏهن ته اجرڪ جي پرنٽ وارين نمبر پليٽن تي به ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ جلد ئي اجرڪ واريون نيون پليٽون به کاتي پاران جاري ڪيون وينديون .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.