عدالت صنم ماروي جي ٻارن جي حوالگيءَ جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي گارجين ڪورٽ گلوڪارا صنم ماروي جي ٻارن ٻارن جي حوالگي بابت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

صنم ماروي درخواست ڏني هئي ته اڳوڻي مڙس زبردستي طور ٻار پاڻ وٽ رکيا آهن، تنهن ڪري عدالت کي اپيل ٿي ڪيان ته ٻار ماءُ حوالي ڪيا وڃن.

گارجين ڪورٽ جي جج يعقوب گلوڪارا صنم ماروي جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جنهن تحت هفتي ۾ 4 ڏينهن ٻار ماءُ وٽ ۽ 3 ڏينهن پيءُ سان گڏ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

فيصلي ۾ 3 ڏينهن ٻار پيءُ حامد وٽ رهڻ جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.

عدالت فيصلي ۾ قرار ڏنو ته صنم ماروي جي ٻاهرين ملڪ هجڻ تي ٻار سندس اڳوڻي مڙس حامد وٽ رهندا.

واضح رهي ته صنم ماروي ۽ سندس مڙس ۾ طلاق ٿي چڪي آهي، گلوڪارا جي حامد علي سان ٻي شادي هئي، جنهن مان کيس 3 ٻارن جو اولاد آهي.

صنم ماروي جي پهرين شادي آفتاب احمد سان ٿي هئي، جيڪو 2009 ۾ ڪراچي ۾ مارجي ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.