پارلياماني سرگرميون جاري رهنديون يا نه؟ اهم اجلاس طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ٻي لهر سبب پارلياماني سرگرمين جي معاملي تي پارلياماني ليڊرن سان مشاورت لاءِ 25 نومبر تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي.

پارلياماني سرگرمين جي بحال جي معاملي تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ۽ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر وچ ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پارليامينٽ ۾ ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

ملاقات دوران ڪورونا سبب پارلياماني سرگرميون جاري رکڻ يا نه رکڻ جي حوالي سان 25 نومبر تي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو.

اجلاس جي صدارت سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي چيئرمين گڏجي ڪندا، جڏهن ته گڏجاڻي ۾ سڀني پارليامينٽ ميمبرن کي دعوت ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.