شهدادڪوٽ: هٿياربندن هٿان، زال مڙس قتل

شهدادڪوٽ   ۾ هٿياربندن گھر ۾ گھڙي زال ۽ مڙس کي قتل ڪري ڇڏيو.

اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد پاڙي ۾ هٿياربندن گھر ۾ گھڙي 25 ورھين جي نوجوان نويد جمالي ۽ سندس گھرواري  22 ورھين جي تبسم جمالي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش پنهنجي تحويل وٺي پوسٽ مارٽم لاء تعلقه اسپتال منتقل ڪيا.

رابطو ڪرڻ تي پوليس ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني سبب پيش آيو آهي جنهن بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.