ڊگهڙي ۾ منشيات جي خبر هلائڻ تان صحافي کي ڌمڪي

ڊگھڙي (ن ع آ ڊگهڙي واسي نوجوان ڪاشف ۽ سندس ساٿي کي ٽنڊي غلام علي پوليس گرفتار ڪري سندس قبضي مان سفينا گٽڪو برآمد ڪري ڪيس داخل ڪرڻ بعد لاڪپ حوالي ڪيو هو اهڙي خبر پريس ڪلب ڊگھڙي جي سينيئر صحافي طالب حسين هلائي جنهن تان مڇرجي جوابدار جي ڀاءُ ثاقب خان سوشل ميڊيا تي صحافي کي ڌمڪيون ڏيندي چيو ته انهي جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا جنهن تي پريس ڪلب ڊگهڙي جي صدر ساجد علي نوشاد، جنرل سيڪريٽري سيد علي شاھه، احسان جروار، پريم ڪمار مهيشوري، دليپ ڪيلا، انيل ڪمار، ارباب نوحاڻي ۽ ٻيا صحافي وفد جي صورت ۾ ايس ايڇ او ڊگھڙي آفتاب رند سان ملاقات ڪري سموري معاملي کان آگاھه ڪندي درخواست جمع ڪرائي ايس ايڇ او آفتاب رند صحافين انصاف جي يقين ڌياني ڪرائي.

نندي ۾ مرحوم افضل حسين جعفريءِ جي خدمتن کي ڀيٽآ ڏيڻ لاءِ يادگار لائبريري جو قيام

نندو (ن ع آ)نندي شهر جي علمي،ادبي،مذهبي ۽ سماجي شخصصيت مرحوم افضل حُسين جعفريءَ جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ يادگار لائبريري جي قيام ڪيو ويو جنهن جو افتتاح علامه شبيهه رضا زيديءَ ڪيو تقريب ۾ زهير حُسين حيدري، الهبچايو ڀرڳڙيءَ سميت ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي علامه شبيهه رضا زيديءَ،زهير حُسين حيدريءَ،الهبچايو ڀرڳڙي،ڊاڪٽر ثاقب رضا جعفري،اسماعيل جعفريءَ چيو ته ڪتاب اسان جا بهترين دوست آهن ڪتابن جي مطالعي مان اسان کي علم ۽ شعور جي ملي ٿو جنهن جي ذريعي اسين معاشري ۾ پنهنجو ڪردار سُٺي نموني نڀائي انسانيت جي خدمت ڪري سگهون ٿا

الطاف جسڪاڻي جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا: صوفي حضوربخش

مانجهند (ن ع آ)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين صوفي حضور بخش، سينيئر وائيس چيئرمين فيض الله جوڻيجو، وائيس چيئرمين اختر ڪاڪيپوٽو، جنرل سيڪريٽري علي نواز ٻٽ ۽ اشرف عمراڻي چيو آھي ته ايس ٽي پي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻي جي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون  ٿا هن قسم جي واقعن سان سنڌ ۾ قباليت واري رجهان کي هٿي ملندي قاتلن کي هر صورت ۾ گرفتار ٿيڻ گهرجن اهڙيون ڳالهيون مانجهند بس اسٽاپ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيون اڳواڻن  وڌيڪ چيو ت هتي ڪرمنل ماڻھون سياسي پارٽين کي پنهنجي ڏوهاري سرگرمين لاء استعمال ڪن ٿا اهو ساڳئو معاملو هن واقعي ۾ نظر اچي ٿو هنن چيو ته اسان شھيد الطاف جسڪاڻي جي خاندان ۽ ايس ٽي پي سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون  ۽ گهر ڪيون ٿا ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي

واهي پانڌي ۾ عوامي پورهيت تحريڪ تعلقي جوهي جو اجلاس

واهي پانڌي (ن ع آ) واهي پانڌي ۾ عوامي پورهيت تحريڪ تعلقي جوهي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مير کوسو ايڊووڪيٽ سومر چانڊيو غلام رسول لغاري سنجر برهماڻي خصوصي شرکت ڪئي اجلاس ۾ عوامي پورهيت تحريڪ تعلقي جوهي جي آرگنائيزر باڊي چونڊي وئي اجلاس کي عوامي پورھيت تحريڪ جي اڳواڻن ايڊووڪيٽ مير کوسو ، غلام رسول لغاري ڳالهائيندي چيو ته سنڌ اندر هن وقت ڏکئي دور مان گذري رهي آهي سنڌ جي وسيلن زمين ٻيٽن ۽ ڪارونجهر جبل جي وڪري خلاف سنڌ جي ماڻهن کي ڊگهي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته عوامي پورهيت تحريڪ سنڌ ماڻهن کي اڳواڻن ۽ شهرن ۾ سنڌ سجاڳي نالي سان پروگرام ڪري ماڻهن ۾ سياسي ۽ علمي شعور پيدا ڪندي عوامي پورهيت تحريڪ تعلقي جوهي جو نئين آرگنائيزيشن باڊي چونڊي وئي آرگنائيز احمد لغاري سيڪريٽري تنوير برهماڻي ۽ ٻيا عهدار ۽ ميمبر چونڊيا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.