چيلهار ۾ انتظاميا شهر جي صفائي شروع ڪري ڇڏي

چيلھار ن ع آ ) ٽائون ڪميٽي چيلھار انتظاميا شھر ۾ صفائي ڪرائڻ واري مھم تيز ڪري ڇڏي. عملي کي ڳري مشينري سان گڏ  شھر جي مختلف جڳھين مھراج پاڙو مالھي پاڙو ورتيا پاڙو حجام پاڙو سوٽھڙ پاڙو ٻائوا پاڙو ميگھواڙ پاڙو بجير پاڙو بس اسٽاپ ننڍي بازار وڏي بازار مسجد جي چئوطرف درگاھ مندر ديوي مندر ھنگلاج مندر اوم چوڪ شو مندر سميت ٻين ڪيترن ئي ھنڌ پيل گندگي جا ھٽرائڻ تي لڳائي ڇڏيو آھي انھن محلن سان گڏ جيڪي ڊرينج آھن گندو پاڻي شھر کان ٻاھر سپلاء ڪرڻ وارا انھن جي سار سنڀال ڪرڻ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي ذميواري آھي پر پبلڪ ھيلٿ کاتو مڪمل طور ڊرينج جي سارسنڀال ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آھي انھن ڊرينج جي به صفائي ٽي ايم او ڪرائي ٽائون آفيسر سعيد احمد بروھي عوامي آواز چيلھار سان ڳالھائيندي چيو شھر جا بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ منھنجي ذميواري آھي جيڪا ايمانداري سان شھرين جي تعاون سان ڪندو رھندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.