ڪشمور ۾ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو

ڪشمور(ڊر)ڪشمور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف ايس ٽي پي ڪارڪن ساراپا  احتجاج بڻيل ڪشمور تعلقه صدر رفيق احمد چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ايس ٽي پي ورڪرن اويس باجڪاڻي، راڻو خان چاچڙ، سھڻو چاچڙ، احمد علي کوسو، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين راڻا غفار علي، وزير احمد چنا ۽ ٻين سخت نعريبازي ڪندي الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته ھڪ سازش تحت وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي کي شهيد ڪيو ويو آهي.  اسين سنڌ سرڪار آئي جي سنڌ چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پرزور مطالبو ڪيون ٿا ته ايس ٽي پي اڳواڻ جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.