نوري آباد ۾ غذائي کوٽ سبب ٻارڙن ۾ نمونيا جي وبا ڦهلڻ لڳي، هڪ فوت

نوري آباد(ن ع آ)ڪوهستان جي جابلوئي پٽي جي ٺٽي ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڳوٺن ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن ۾ نمونيا خطرناڪ صورت حال اختيار ڪري وئي آھي نوري آباد جي اسپتال 30 بيڊ  ۾ علاج جي لاءِ آيل  ٻارڙواعجاز ولد فيض محمد جاکرو ڳوٺ گوگڙو پير ٽيھ بيڊ اسپتال ۾  ڊاڪٽر نه ھجڻ ڪري علاج نه ٿي سگھيو  سندس حالت انتهائي نازڪ هئڻ سبب والدين پاران علائقي مان چندو هٿ ڪري معصوم نينگر کي حيدرآباد جي سول اسپتال نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو نوري آباد ۾ قائم سرڪاري ٽيه بيڊن واري اسپتال  غير فحال هئڻ سبب اسپتال جا سمورا شعبا بند پيل آھن جنهن سبب علائقي جا ماڻھو صحت جي سهولتن کان واجهيل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.