رتيديري ۾ نوجوان کان ڦر واقعي خلاف احتجاج

رتو ديرو (  ن ع آ ) رتيديري لڳ ڳوٺ طيب لاڙي وٽان ٽي نامعلوم هٿيار بند ڳوٺاڻي مريد جلباڻي کان هٿيارن جي زور تي هڪ موٽر  سائيڪل ، موبائل فون ۽ يارنهن سو روپيه روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا جڏهن ته اهڙي واقعي خلاف ڳوٺ نور محمد جلباڻي جي رهواسي ڳوٺاڻن مريد ، عابد علي ، نظام ، غلام فريد ، جاويد جلباڻي ۽ ٻين رتوديرو پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي ته مظاهرين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته ٽي ڏينهن اڳ مريد جلباڻي پنهنجي ڳوٺ اچي رهيو هو ته هن سان ڦر جو واقعو پيش آيو. اسان اهڙو اطلاع رتوديرو ٿاڻي تي پڻ ڏنو پر پوليس اسان جي ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.   هنن چيو ته  اسان سان انصاف ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي نه ته اسين ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي آفيس لاڙڪاڻو اڳيان احتجاج ڪري روڊ بند ڪنداسين .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.