نارڪوٽڪس ڪنٽرول وزارت اعظم سواتي جي انٽرويو جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(م ڊ)نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري وزارت 65 سيڪڙو نوجوانن طرفان منشيات استعمال ڪرڻ بابت اليڪٽرانڪ  ميڊيا جي ڪيترن ئي حصن ۾ جاري ڪيل انگن اکرن جي سختي سان ترديد ڪئي آهي. ڇنڇر ڏينهن وزارت طرفان جاري ڪيل وضاحت ۾ چيو ويو آهي ته بيان ڪيل انگ اکر غلط آهن ۽ وفاقي وزير به ڪنهن به انٽرويو ۾ ان قسم جو ڪو بيان ناهي ڏنو.

دهشتگردن جي علاج واري ڪيس ۾ شاهدن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جي علاج ڪرڻ ۾ سهولت ڪاري واري ڪيس ۾ انيس قائمخاني، وسيم اختر ،  رئوف صديقي سميت ٻيا پيش ٿيا، ڊاڪٽر عاصم پرڌيهه هجڻ ڪري پيش نه ٿي سگهيو .قادر پٽيل پاران  طبيعت خرابي جو عذر پيش ڪيو ويو، جوابدارن جي خلاف شاهد پيش نه ٿيا،  عدالت 19 ڊسمبر تائين ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪندي شاهدن جي حاضري يقني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .

ڪابل ۾ راڪيٽ حملا، 5 ڄڻا مارجي ويا، 20 زخمي

ڪابل (م ڊ) افغان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ راڪيٽ ۽ مارٽر حملن ۾ 5 شهري  مارجي ويا۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. افغان صحت وزات مطابق ڇنڇر ڪيروز شهر جي مختلف علائقن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 14 راڪيٽ هنيا ويا. افغان گهرو وزارت مطابق هي راڪيٽ حملو شهر جي چئن مختلف انتظامي علائقن ۾ ڪيا ويا. ان ۾ هڪ رات سڪوائر به آهي جتي فغان نائب صدر رامر الله عالح جو آفيس واقع آهي. هيل تائين ڪنهن به گروب ان واقعي جي ذميداري قبول نه ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.