سرگوڌا: ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ جديد ليبارٽري قائم

 

سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ لاءِ 14 ڪروڙ رپين جي گرانٽ سان سرگوڌي ۾ جديد ليبارٽري ڪم شروع ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ شروعاتي طور روز 210 ٽيسٽون ڪيون وينديون.

ڊپٽي ڪمشنر عبدالله نيئر شيخ موجب ڪورونا جي تازي لهر جي سنگيني سبب پنجاب حڪومت رڪارڊ مدي ۾ 14 ڪروڙ رپين جي گرانٽ سان جديد ڪورونا ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪري ڇڏي آهي، جتي شروعاتي طور روز 210 ٽيسٽون ٿينديون، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ هيپاٽائٽس اي، بي، سي ۽ ايڇ آءِ وي ايڊز جون ٽيسٽون به ڪري سگهبيون.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪورونا وائرس جي تازي لهر سنگين آهي، تنهن ڪري احتياط جي ضرورت آهي، ليبارٽري قائم ٿيڻ سان لاهور ۽ اسلام آباد ۾ ٽيسٽن جا سيمپل موڪلڻ بدران روز جي بنياد تي فراهم ڪيل نمونن جا نتيجا حاصل ڪري سگهبا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.